سنڌوءَ ڪناري1

سنڌوءَ ڪناري1

سنڌوءَ ڪناري1

سنڌوءَ ڪناري1 (ڪتاب): هي ڪتاب ’سنڌوءَ ڪناري‘ (نئون تاريخي باب) مشهور براڊڪاسٽر ۽ ليکڪا وينا شرنگيءَ جو لداخ ليهه، (ڄمون - ڪشمير) جو سفرنامو آهي. 1997ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي لداخ وٽان سنڌو درياهه جي ديدار ’سنڌو درشن‘ جي رٿ تي سنڌي اڪيڊمي، دهليءَ جي وائيس چيئرمئن ڪي. آر ملڪاڻيءَ جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ پروگرام جا تفصيل پيش ڪيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ليهه لداخ وٽ ’سنڌو درشن ميلو‘ لڳايو وڃي، جيئن جيڪي سنڌي، سنڌ وڃي سنڌ جي ’سنڌو درياهه شاهه‘ جو ديدار نه ٿا ڪري سگھن، اهي ليهه لداخ وٽ ’سنڌو درشن‘ تقريب ۾ شامل ٿين. دهليءَ جي ٻاهر جا جيڪي سنڌي هن تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار ٿيندا، تن کي دهليءَ ۾ هڪ رات رهڻ جو ۽ سندن کاڌي پيتي جو بندوبست سنڌي اڪيڊمي ڪندي، اهڙيءَ طرح 9 آڪٽوبر 1997ع تي دهليءَ ۾ گڏ ٿيل سنڌي (جن ۾ وڏي تعداد ۾ اديب شامل هئا) ليهه لداخ لاءِ هوائي جهاز ۾ روانا ٿيا ۽ ڏهين آڪٽوبر تي ’سنڌو درشن‘ ڪيو ويو. اها سموري سفري ڪٿا، وينا شرنگيءَ هن ڪتاب ۾ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ۽ ڪشمير جي تاريخي لاڳاپن ۽ ليهه لداخ علائقي جي تاريخي ۽ ۽ تهذيبي ڄاڻ به ڏني آهي. ’سنڌو درشن‘ وقت لعل ڪرشن آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر فاروق عبدالله، دهليءَ جي وڏي وزير ۽ هماچل پرديش جي توانائي کاتي جي وزير ويدڪ ٻوڌيءَ ۽ ٻين گڏجي سنڌوءَ ڪناري ورڻ ديوتا جھوليلال جي پوڄا ڪئي هئي. هماچل پرديش جي وزير بهمپترا نديءَ جو جل، سنڌوءَ ڌارا سان ملائي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو هو. ان موقعي تي جھوليلال جا ’بھراڻا‘ کڻي لعل جي آرتي ۽ ڀڄن ڳاتا ويا:
ٻيڙو ته منهنجي لعل جو پاڻهي ترندو ايندو،
پاڻهي ترندو ايندو، تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو ايندو.
ڪتاب ۾ لعل ڪرشن آڏواڻيءَ ۽ فاروق عبدالله جون تقريرون به ڏنيون ويون آهن ۽ ’سنڌو درشن‘ جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي ڪجھه مالي مدد سان، وينا شرنگيءَ، اندر پوري، نئين دهلي-12، مان 1998ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 65 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو